عظيم سائنسدان

عظيم سائنسدان

عظيم سائنسدان

عظيم سائنسدان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب عظيم سائنسدانن جي زندگي ۽ دريافت تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ گرو ولسن آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو محمد احمد منصور عباسيءَ ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب اٺاويهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هر باب ۾ هر شخصيت جي فن ۽ شخصيت تي تحقيقي مضمون شامل آهي. جن ۾ اطاليس، فيثاغورس ۽ اناگزاغورس، ڊيموڪريٽس، بقراط، ارسطو، ارشميدس، جالينوس، بطليموس، اونداهون دور، راجه بيڪن، ڪوسٽر ۽ گيٽن برگ، ڪوپر نيڪس، پيرا سيلس، ٽائيڪو براهي، وليم هاروي، جان ڪيپلر، گليلو گليلي، آئزڪ نيوٽ، ليونهاڪ کان لئپلاس، لوازيئر، لامارڪ، فيراڊي، پاسجر، چارلس ڊارون، گريگور مينڊل، هرٽز، لينگلي ۽ آئن اسٽائين شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 424 صفحن تي مشتمل پڪي جلد مان هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري 2011ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 370 روپيا آهي.


لفظ عظيم سائنسدانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو